صبا اڪبر آبادي

صبا اڪبر آبادي

صبا اڪبر آبادي

صبا اڪبر آبادي : اردوءَ جو ناميارو شاعر ۽ ليکڪ صبا اڪبر آبادي 1908ع ڌاري اڪبر آباد، ڀارت ۾ پيدا ٿيو. سندس اصل نالو خواجه محمد امير هو. شروعاتي تعليم گهر ۾ حاصل ڪرڻ کانپوءِ علي ڳڙهه مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. هو مالي حالتون بهتر نه هئڻ ڪري تعليم جو سلسلو جاري رکي نه سگهيو. هن 1928ع ۾ ادبي ماهوار رسالو ‘آزاد جاري ڪيو، جيڪو ٻن سالن تائين شايع ٿيندو رهيو. 1933ع ۾ سندس والد وفات ڪري ويو، تنهن کانپوءِ 1934ع ۾ روزگار حاصل ڪرڻ لاءِ بنگال ويو، جتي عورتن جي تعليم واري اداري ۾ ڪلارڪ جي نوڪري ڪيائين. هو 1947ع ۾ پاڪستان جي قيام بعد ڪٽنب سميت حيدرآباد (سنڌ) ۾ اچي رهيو. سنڌ اچڻ بعد هن اردو، فارسي ۽ سنڌي شاعريءَ جي شروعات ڪئي. هو ڪجهه عرصي بعد ڪراچيءَ هليو ويو، جتي هڪ سال تائين فاطمه جناح جو پرائيويٽ سيڪريٽري رهيو. ان کان اڳ 1935ع کان 1938ع تائين ‘مشوره’ ۽ 1969ع کان 1974ع تائين ماهوار ‘انجمن’ جو ايڊيٽر به رهيو. 1926ع ۾ سندس ناول ‘زنده لاش’ ۽ 1970ع ۾ شاعريءَ جو مجموعو ‘اوراق گل’ ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿيا. هن عمر خيام جي سـو کن رباعيـُن کي اردوءَ ۾ ترجمو پڻ ڪيو. هن جو هڪ ڪتاب ‘زم زماءِ پاڪستان’ جي نالي سان ڇپيل آهي، جيڪو قومي گيتن جو مجموعو آهي. ان کانسواءِ مرثيه، ‘سربڪف’، ‘شهادت’ ۽ غزلن جا ڪتاب به ڇپيل آهن. هن 1991ع ۾ وفات ڪئي.


لفظ صبا اڪبر آباديھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو